سنڌي ٻوليءَ ۾ ايم فل جو ڪورس علامه اقبال اوپن يونيورسٽي

سنڌي ٻوليءَ ۾ ايم. فل جو ڪورس، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي: علامه اقبال يونيورسٽيءَ ۾ پاڪستان جي سمورين ٻولين جو گڏيل هڪ شعبو قائم آهي، جنهن ۾ سنڌي به شامل آهي. هن شعبي پاران سنڌي ٻوليءَ ۾ ايم. فل جو ڪورس پڙهائي ماسٽر آف فلاسافيءَ جي سنَد ڏني وڃي ٿي. ملڪ ۾ ڳالهائجندڙ ٻولين جهڙوڪ: سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي، بروهي، سرائڪي، هندڪو، ڪشميري، گوجري، پهاڙي، بالتي، شينا، بروشڪي، توروالي، واکي وغيره جي ترقيءَ ۽ واڌاري جي خيال کان علامه اقبال يونيورسٽيءَ ۾ لئنگويجز آف پاڪستان نالي سان شعبو قائم ڪيل آهي. ان شعبي ۾ سنڌيءَ لاِ به هر سال ايم. فل جي شاگردن کي داخلا ڏئي پڙهايو وڃي ٿو. ايم. فل ۾ داخلا لاءِ يونيورسٽيءَ پاران ايم. اي جي ڊگري لازمي ۽ ٽيسٽ وغيره ڏيڻ جهڙا مرحلا طئي ٿيل آهن. ايم. فل جو ڪورس ٻن سالن يعني چئن سيمسٽرن جي عرصي ۾ مڪمل ڪرايو وڃي ٿو. سنڌيءَ ۾ ايم. فل ڪرائڻ لاءِ يونيورسٽيءَ جو سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبن ۽ شاهه لطيف چيئر سان الحاق آهي، جتان ڪورس وغيره ترتيب ڏيڻ لاءِ تعاون ورتو وڃي ٿو. علامه اقبال يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جي ايم. فل لاءِ ڪلاسيڪل سنڌي شاعري، ڪلاسيڪل سنڌي نثر، جديد سنڌي شاعري، جديد نثر نگاريءَ جهڙا مضمون ڪورس ورڪ ۾ پڙهايا وڃن ٿا. هن يونيورسٽيءَ پاران ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي، مٺي، سکر، لاڙڪاڻي، دادو، عمرڪوٽ ۾ ريجنل ڪئمپسز کليل آهن. هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اسڪالر هن يونيورسٽيءَ مان ايم. فل جون سنَدون وٺي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو